گمبٽ ۾ ون فائيو اهلڪار جو نوجوان تي تشدد، وڊيو وائرل

0
266
گمبٽ ۾ ون فائيو اهلڪار

گمبٽ ۾ ون فائيو جي پوليس اهلڪار کي نوجوان تي تشدد جو نشانو بڻايو، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي

وڊيو ۾ پوليس اهلڪار نوجوان کي ڳلي کان پڪڙي چماٽ هڻندي نظر اچي رهيو آهي

ايس ايس پي وڊيو جو نوٽيس وٺندي ڄاڻايل پوليس اهلڪار اسد لاڙڪ کي معطل ڪري ڇڏيو

متاثر نوجوان ٻڌايو ته ڀاءُ کان پئسا وٺڻ لاءِ وڃي رهيو هئس ته اهلڪارن تشدد جو نشانو بڻائي گرفتار ڪيو

ياد رهي ته اُن کان اڳ سکر ۾ ون فائيو جي آفيسر پيرسن عورت کي تشدد جو نشانو بڻايو هو

هي به پڙهندا

سکر: پيرسن عورت تي تشدد ڪيس ۾ پوليس آفيسر جي ضمانت منظور

ناري جي اغوا جو ڪيس داخل نه ڪرڻ تي پوليس آفيسر کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم