گمبٽ/ کهڙا (نمائندن وٽان) کهڙا واسڻ ناري تهمينا خلجي گمبٽ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن شام جو پنهنجي گھر وڃي رهي هيس ته اڌ ڪسي وٽ ڪار ۾ ويٺل ايس ايچ او اعجاز مگسي، قربان شاهاڻي ۽ پرائيويٽ شخص ڪاغذن جي چيڪنگ ڪري رهيا هئا ته گاڏي موٽرسائيڪل جا ڪاغذ ڏيکاريا جنهن بعد ايس ايچ او ۽ پرائيويٽ شخص ڪار ۾ زبردستي ويهاري کڻي ويا ۽ تشدد جو نشانو بڻائي زنا ڪرڻ جي ڪوشش ۽ گارگند ڪئي. وجهه وٺي فرار ٿي ويس ۽ رڙين تي ماڻهو گڏ ٿي ويا آهن. پوليس جي اهڙي عمل خلاف ۽ پرائيويٽ شخص خلاف ٿرڊ سول جج وٽ درخواست ڪئي، جنهن انصاف لاءِ سيشن ڪورٽ وڃڻ لاءِ چيو آهي. سڀاڻي انصاف لاءِ سيشن ڪورٽ ويندس. پوليس جي اهڙي عمل خلاف احتجاج ڪرڻ تي هن وقت ايس ايڇ او کهڙا ۽ بااثر شخص ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. متاثر ناري ڊي آءِ سکر ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ ايس ايس او کهڙا ۽ بااثر شخص خلاف ڪيس داخل ڪري تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ايس ايچ او کهڙا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري تمهينا خلجي ۽ ناري روشني پاڻ ۾ وڙهيون هيون. محمد صديق اڄڻ جي ڪمپلين تي پهچي ناري کي گرفتار ڪيو جنهن تان ناري ڪوڙا الزام هڻي رهي آهي. سندس سان ڪا به زيادتي جي ڪوشش ناهي ڪئي.ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي اهڙيون خبرون وائرل ٿيڻ بعد ايس ايس پي خيرپور ناري سان زيادتي ڪوشش مامري جو نوٽيس وٺي اي ايس پي خيرپور ۽ ايس ايڇ او وومين ٿاڻو کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو. ايس ايڇ او وومين ٿاڻو ناري وٽ کهڙا پهچي تفصيل وٺندي ۽ رپورٽ اي ايس پي وٽ جمع ڪرائيندي. ايس ايس پي خيرپور اي ايس پي خيرپور کان ٻن ڏينهن ۾ جاچ رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ناري سان ايس ايڇ وا پاران زيادتي جي ڪوشش جو ڏوهه ثابٽ ٿيو ته ايس ايڇ او خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.