گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ويجهو پپري ۾ حضرت مخدوم اسدالله ھاشمي جو 478 ھون عرس ملھايو ويو ، درگاھ تي چادر چاڙهي عظمت اولياءِ ڪانفرنس منعقد،  مقالا ، شاعري ۽ نعت خواني،  مختلف شخصيتن کي مڃتا ايوارڊ، ان ڏس ۾   پپري ۾ درگاھ حضرت مخدوم اسدالله ھاشمي جو 478 ھون عرس  عقيدت سان ملھايو ويو، عرس  جي تقريبن جي شروعات سجاده نشين مخدوم نديم احمد ھاشمي درگاھ تي گلن جي چادر چاڙهي عظمت اولياءِ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ مختلف شخصيتن شرڪت ڪري مقالا نگاري ، شاعري ۽ نعت خواني ڪئي وئي ۽ علمائن پاران خصوصي خطاب ڪيو. ڪانفرنس کي مخدوم نديم احمد ھاشمي ،  طارق شاھ جيلاني ،  سڪندر ھاشمي ، مخدوم سراج احمد ھاشمي،  اشفاق احمد شيخ   ۽ ٻين خطاب ڪندي ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته سعيد محمد ملتاني ، سرفراز قاسمي ، محمد طاھر وسريو ، فقير حضور بخش گلال ، ناصر ناريجو ، عادل کھڙو ء حافظ سجاد اڄڻ نعت خواني ڪئي اديبن ۽ مقالا نگارن ظھير احمد لاڙڪ ، سڪندر ڦلپوٽو ، ڊاڪٽر نثار احمد ڦلپوٽو ، مولوي بلاول ڦلپوٽو ، طارق مھيسر ، فقير ڦليو ۽ ٻين مقالا ۽ شعر پڙهيا. ان موقعي تي مختلف شخصيتن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا.