گمبٽ ( ن پ ا ) گمبٽ جي خانگي اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردياڻين کي تنگ ڪندڙ 2 اوباش نوجوانن سوگهو ڪري مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪيو ويو، نياڻين جي وارثن جو چوڻ آهي ته نياڻين جي شڪايت تي جوابدار رحمان ۽ جواد ميمڻ کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، روزانو ٻئي جوابدار شاگردياڻين کي اسڪول ايندي ويندي تنگ ڪن ٿا، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، ڪيس داخل ڪري کين سزا ڏني ويندي، جيئن نياڻين کي تنگ ڪرڻ جا واقعا پيش نه اچن……..