گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان پرائمري اسڪول وڏا ڀٽي زبون حال ٿي ويو. اسڪول عمارت جي مرمت نه ٿيڻ خلاف شاگردن، ڳوٺاڻن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن پاران 5 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب گمبٽ اڳيان مظاهري بعد گمبٽ اسٽيشن روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. 6 مارچ تي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻي جو اعلان. مظاهرين ڪامريڊ محبت خان شنباڻي، مختيار حسين ڀٽي، وسيم احمد کهڙي، ڊاڪٽر نذير کوکر، غلام فريد خاصخيلي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ وڏا ڀٽيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ 100 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اسڪول بلڊنگ زبون ٿي چڪي آهي. مختلف موقعن تي بلڊنگ جا ڇاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي شاگرد زخمي ٿي چڪا آهن. هنن سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري ايجوڪيشن کان مطالبو ڪيو ته اسڪول عمارت جي نئين سر تعمير ڪرائي شاگردن جو تعليمي مسقتبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي. ٻِي صورت ۾ 6 مارچ تي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.