گمبٽ ۾ حاضري لاءِ عدالت پهتل عورت تي ناٺي ۽ پوليس جو وحشياڻو تشدد

0
166
گمبٽ ۾ حاضري لاءِ عدالت

گمبٽ (ن پ ا)  گمبٽ ۾ حاضري لاءِ عدالت پهتل عورت تي ناٺي ۽ ٽنڊو مستي پوليس جو وحشياڻو تشدد، جوابدار سرِعام تشدد بعد عورت جي پُٽ اياز شيخ کي اغوا ڪري ويا، عدالت ٻاهران عورت تي تشدد جا فٽيجز ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتا

 متاثر عورت جو چوڻ آهي ته جوابدار انتظار ڪلهوڙو ۽ سندس ساٿين حملو ڪيو هو، ٽنڊو مستي پوليس جوابدارن جي ساٿاري بڻيل آهي، عورت طرفان اغوا ٿيل پُٽ جي بازيابي ۽ جوابدار جلد گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي