گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ گيهلپور ۾ بااثرن پاران گھر ۾ گھري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ويو، عورتن بااثرن جي ظلم کان تنگ ٿي گمبٽ ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي، ان حوالي سان جاويد ،پرويز، شهناز خاتون، ڀاڳل خاتون ٿاڻي تي احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته جوابدار بيگناهه گهر ۾ گهڙي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن تي تشدد ڪيو آهي، هنن چيو ته پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي آهي، غيرمحفوظ آهيون، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.