گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي ميمڻ محلي جو گورنمينٽ گرلس ايليمينٽري اسڪول ھڪ سال کان بند، شاگردياڻين جو مستقبل داءُ تي لڳل، ٺيڪيدار اسڪول بلڊنگ جو مرمتي ڪم اڌ ۾ ڇڏي غائب ٿي ويو. شاگردياڻيون پنهنجو اسڪول ڇڏي ڀرواري پرائمري اسڪول ون جي ڪمرن ۾ عارضي طور تعليم پرائڻ لڳيون. گذريل ڏينهن شاگردياڻين ۽ ٽيچرز اسڪول جي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته هڪ سال کان اسڪول جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو آهي، جنهن ڪري پڙهائي سخت متاثر ٿي رهي آهي. هنن سنڌ جي تعليم کاتي واري وزير سردار علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته اسڪول عمارت جو رھيل ڪم مڪمل ڪرائي سموريون گهربل سھولتون فراهم ڪيو وڃن ته جيئن نياڻيون تدريسي عمل جاري رکي سگهن.