گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀر سان جهيڙي جي ٻن مختلف واقعن ۾ 5 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. ڳوٺ پهلوان شر ۾ کهڙا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ گهر جي ديوار ٺاهڻ تان جهيڙي ۾ نور  محمد کهڙو ۽ عبدالله کهڙو سخت زخمي ٿي پيا. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. زخمين احتجاج ڪندي ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ڳوٺ هادي ڏنو ناريجو ۾ پاڻيءَ جي واري تان ناريجا برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي 3 ڄڻا گلزار علي، سينگار ناريجو ۽ بهار علي سخت زخمي ٿي پيا. ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پنهنجي زمين کي ٽيوب ويل ذريعي پاڻ ڏئي رهيا هئاسين ته امير علي، امير بخش، روشن علي، حسين بخش، روشن ۽ ٻين حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو. هنن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري کين انصاف ڪيو وڃي.