گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ رسول بخش اڄڻ ۾ گهرو معاملي تان اڄڻ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ٻي طرف عورتن طرفان بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي مسمات ڪلثوم خاتون، مسمات  سلما اڄڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن بنا  جواز اسان جي مردن  ۽ عورتن تي تشدد ڪيو آهي، بااثرن اسان جي مردن کي پوليس کان گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي، اسان غريب آهيون، ڪير مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.