گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ ڌپوارو واسي غلام قادر اڄڻ جي گهر واريءَ پاران ٻن ٻارن سميت مبينا طور روهڙي  ڪئنال ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش، علائقي واسين ۽ گمس اسپتال جي گارڊن عورت کي بچائي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ فقيرآباد پوليس چوڪي انچارج ٻڌايو ته گمبٽ ڀرسان ڳوٺ ڌپوارو واسي غلام قادر اڄڻ جي گهر واري گهرو اڻبڻت تان ٻن معصوم ٻارڙن سميت روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته علائقي واسين ۽ گمس اسپتال جي گارڊن عورت کي بچائي پوليس حوالي ڪيو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته عورت پنهنجو نالو نٿي ٻڌائي. مڙس جو نالو غلام قادر اڄڻ ڳوٺ ڌپوارو واسي ٻڌائي رهي آهي. عورت کي ٻن ٻارڙن سميت سندس ماسات حوالي ڪيو آهي.