گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ويجهو قومي شاهراهه تي ڳوٺ غلام حيدر ڦل وٽ پنجاب کان ٽنڊوآدم ويندڙ تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي، ڪار سوار پنجاب جي منڊي بھاءُالدين واسي محمد شڪيل ، سھيل احمد ، سيمان خاتون ، محمد ابراهيم ۽ نورالحسن زخمي ٿي پيا جن کي موٽر وي ۽ مقامي پوليس کڻائي علاج لاءِ گمبٽ گمس اسپتال ۾ پھچايو. جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد گھر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.