ٽنڊو مستي (ن پ ا) ٽنڊو مستيءَ لڳ ڊرٻ ميهر شاھ ۾ شھرين، سماجي اڳواڻن ۽ مختلف برادرين جي ماڻهن پاران گمبٽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين ڪامريڊ حفيظ اڄڻ، محمد جڙيل اڄڻ ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته گمبٽ پوليس جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايچ او گمبٽ ڊرٻ ميهر شاهه مان موٽرسائيڪلن جي مستري مبارڪ اڄڻ ۽ سليم اڄڻ کي ڪجهه ڏينهن پهرين ڊرٻ ميھر شاھ مان کنڀي کڻي ويو هو، سليم اڄڻ کي رشوت عيوض آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته مبارڪ اڄڻ کي گمبٽ پوليس گم ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايچ او گمبٽ رفيق سومرو نوجوان جي آزاديءَ لاءِ 50 هزار رشوت گهري رهيو آهي. هنن خدشو ظاهر ڪيو ته پوليس کنڀيل نوجوان کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ھاف فرائي يا فل فرائي ڪري سگهي ٿي. مظاهرين ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پورهيت مبارڪ اڄڻ کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ ايس ايچ او گمبٽ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.