گمبٽ (رپورٽ: حفيظ منگي) گمبٽ ويجهو ڳوٺ سلطان سھتو جا رهواسي ڏوهارين خلاف رستن تي نڪري آيا، ڏوهارين خلاف ڳوٺ کان پريس ڪلب تائين 8 ڪلوميٽر پيادل مارچ، پريس ڪلب گمبٽ آڏو احتجاجي مظاهرو، جوابدارن خلاف نعريبازي، ڪارروائيءَ جو مطالبو. مظاهرين الطاف حسين، نسيم احمد، نديم احمد، خليق احمد، بشير سھتو ۽ ٻين پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب گمبٽ پهچي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته ڀرواري ڳوٺ محرم سولنگيءَ سان تعلق رکندڙ ڏوھارين تر تپائي ڇڏيو آهي، شاگرد توڙي  روزگار سانگي ويندڙ پورهيتن کان ھٿيارن جي زور تي ڦر جا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن. راڻيپور ۽ گمبٽ ٿاڻن جي پوليس ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. مظاهرين ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ ڄاڻايل ڏوهاري ڳوٺاڻن وسيم احمد، نعيم احمد ۽ محمد مينھل سھتو کان ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 2 موٽرسائيڪلون، موبائيل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏھن ته اڄ گمبٽ ويندڙ شاگردن عبدالله، زبير ۽ انيس جي رستا روڪ ڪري کين اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هنن جو چوڻ هو ته پوليس جي نااهليءَ سبب شاگردن جي تعليم تباھ ٿي رهي آهي ۽  روزگار سانگي ويندڙ ڳوٺاڻن جون زندگيون داءُ تي لڳل آھن. مظاھرين آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي سکر  ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڏوھارين خلاف سخت ايڪشن کڻي علائقي واسين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.