گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ويجهو ڳوٺ سائدي واسي ڳوٺاڻو درگاھ پير فاضل شاھ باگڙجي وٽان 4 ڏينهن کان پراسرار طور گم، ڳولا باوجود ھٿ نه اچي سگهيو. تفصيل موجب گمبٽ ويجهو ڳوٺ سائدي واسي 35 ورھين جو نصير علي شاھ سکر ويجهو باگڙجي واري علائقي درگاھ پير فاضل شاھ تان گذريل 4 ڏينهن کان پراسرار طور گم ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ گم ٿيل نوجوان جي والد ملوڪ شاھ پريس ڪلب گمبٽ پھچي ٻڌايو ته سندسو پٽ نصير علي شاھ ذھني معذور آھي، جنھن کي 4 ڏينهن اڳ باگڙجي ۾ مشھور درگاھ پير فاضل شاھ تي زيارت لاءِ وٺي ويا ھئاسين، جتان ھو کسڪي گم ٿي ويو آهي. مختلف علائقن ۾ ڳولا باوجود سندس ڪٿي به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، جنھن ڪري گھر ڀاتي سخت پريشان آھن. هن سکر ، خيرپور سميت مقامي پوليس کي اپيل ته گم ٿيل نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.