گمبٽ مان 4 سالن جي نينگري مبينا اغوا

0
193
گمبٽ مان 4 سالن

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي حافظ شاهه محلي مان 4 سالن جي نينگري غلام بتول کوسو کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو آهي جنهن جي گمبٽ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي

وارثن جو چوڻ آهي ته نينگري جي اغوا ٿيڻ سبب سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، اطلاع باوجود پوليس نينگري کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي، ايس ايس پي خيرپور معاملي جو نوٽيس وٺي نينگري غلام بتول کي بازياب ڪرائي

گمبٽ پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري غلام بتول کي زبردستي چاچا کڻي ويا آهن، نينگري جو والد فوت ٿي ويو آهي جنهن سبب چاچا پاڻ سان وٺي ويا آهن، نينگري کي جلد بازياب ڪرائي سندس وارثن حوالي ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

رائونتي جي ڪچي مان 2 ڊاڪٽرز مبينا طور اغوا