گمبٽ(ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ محمد وارث ٿيٻو واسي ٿيٻا برادري جي ماڻهن جو بااثرن ۽ راڻيپور پوليس جي ناجائزين خلاف احتجاج. بااثرن لٺيون ڏنڊا هڻي 5 ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ان موقعي تي احتجاج ڪندي روشن علي، الله وسايو، مومن علي، گلبهار ٿيٻو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سئوٽن زمين تي قبضو ڪيو آهي ڀيڻ جو حصو گهرڻ تان جوابدارن محمد هاشم، اعجاز علي، فهيم ۽ ٻين حملو ڪري لٺيون ڏنڊا سروٽا هڻي 5 ڄڻن عمران، انصاف، علي ڏنو، وحيد علي  کي زخمي ڪيو آهي راڻيپور پوليس ماڻهون به اسانجا گرفتار ڪري لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏيا آهن احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون. احتجاج ڪندڙن ڊي آءجي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪري حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري زمين جو حصو ڏياري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.