گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان جادو واهڻ ۾ ڳوٺاڻي عبدالمجيد کهڙو جي موٽرسائيڪل چوري ڪندي شهرين لاڙڪاڻو جي پراڻو آباد واسي چور کي سوگهو ڪري. ڪٽڪو ڏيڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو. ان سلسلي ۾ اڳڙا پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جادو واهڻ ۾ لاڙڪاڻو جي پراڻو آباد واسي چور مختيار ملاح ٻن ساٿين سميت ڳوٺاڻي عبدالمجيد کهڙو جي هاءِ اسپيڊ موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته شهرين هڪ چور مختيار ملاح کي پڪڙي ڪٽڪو ڏيڻ بعد اسان حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس مطابق موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ وٽان جاچ هلندڙ آهي في الحال ڪوبه ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.