گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀرسان ڳوٺ محمد پڃيل جوڻيجو واسي پوليس اهلڪار رضا سيال جي ٻن نياڻين کي اسڪول ايندي ويندي اوباش نوجوانن پاران تنگ ڪرڻ تي شاگردياڻين جي والد ٻنهي نوجوانن کي پڪڙي مارڪٽ ڪرڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان شاگردياڻين جي والد رضا سيال ٻڌايو نياڻيون روز اسڪول پڙهڻ لاءِ وڃن ٿيون ته رستي تي اوباش نوجوان جواد ميمڻ ۽ رحمان ميمڻ کين تنگ ڪندا آهن، اڄ نياڻيون ٽيوشن تان واپس گهر اچي رهيون هيون ته رستي ۾ اوباشن نوجوانن پاران کين تنگ ڪيو، جنهن بعد ٻنهي نوجوانن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي، هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته نياڻين کي تنگ ڪندڙن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي، نياڻين جي والد جي فرياد تي اين سي داخل ڪئي آهي.