گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀر سان فقيرآباد ريلوي ڦاٽڪ وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ تيز رفتار هزاره ايڪسپريس   ٽرين جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان نويد احمد چانڊيو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ريلوي ۽ حد جي پوليس لاش کڻائي گمس اسپتال منتقل ڪيو. ٽرين کي پنهنجي منزل طرف روانو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گمبٽ ريلوي انتظاميا رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هزاره ايڪسپريس پنجاب کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته ڦاٽڪ بند پيل هو. ڳوٺ بيگو خان چانڊيو واسي نوجوان نويد احمد چانڊيو جلد بازي ڪندي پٽڙي ڪراس ڪئي ته  ٽرين جو زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ريلوي پوليس ۽ ڳوٺاڻن نوجوان جو لاش کڻائي گمس اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.