گمبٽ جي ڪچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، وارثن جو ڌرڻو

0
267

گمبٽ (رپورٽر) گمبٽ جي ڪچي واري جي علائقي ۾ هٿياربندن هٿان 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، وارثن پاران ڌرڻو ھنيو ويو

 گمبٽ جي ڪچي جي لانڍيون ٿاڻي  جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ  ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

ڳوٺ عارب ڪلهوڙو ۾ هٿياربندن جي  فائرنگ ۾ شهمير پٽ عالم ڪلهوڙو ۽  عمر پٽ آچر ڪلهوڙو مارجي ويا

ٻن ڄڻن جي قتل خلاف وارثن پاران خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي

مظاھرين جو چوڻ ھو تھ ھٿياربندن فائرنگ ڪري بيگناھ شھمير پٽ عالم ۽ عمر پٽ آچر ڪلھوڙو کي قتل ڪيو آھي، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

پوليس موجب جتوئي ڌر جي هٿياربندن  ڪارنهن واقعي تان ٻن ڄڻن  کي قتل ڪيو، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا

ھي به پڙھندا

ٺاروشاھ مان پسند جي پرڻي لاءِ نڪتل جوڙو اغوا

ملير: اغوا يا گُم، نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ لاءِ ويل ناري واپس نه آئي