گمبٽ (ن پ ا) برساتن ۽ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي چاڙهه سبب گمبٽ جي ڪچي جا اڪثر ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي  ويا، اڪثر ڳوٺن جا ويجهن شهرن سان زميني رابطا ڪٽجي ويا. ڪچي واري علائقي ۾ ترن، جوئر، ونئڻن ۽ ڪمند جو 70 سيڪڙو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن عمران علي ناريجو، بشارت علي ٻڌ، محمد ڪامل ڪلهوڙو ۽ ٻين چيو ته تازو پيل برساتن ۽ سنڌوءَ ۾ چاڙهه جي ڪري محمد عثمان ناريجو، ڳوٺ بچل ناريجو، محمود ڪلهوڙو،آچر جتوئي، مولابخش ناريجو، عبدالرحمان ڪلهوڙو ۽ ٻين ڳوٺن جو ويجهن شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. ڳوٺاڻا ٻيڙين تي يا وري پاڻي جهاڳي شهر اچي سگهن ٿا. ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته فصل پاڻيءَ هيٺ اچڻ سبب کين لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي. هنن سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪري فاقاڪشيءَ کان بچايو وڃي.