رپڙي (ن پ ا) سينيئر سول جج گمبٽ جي عدالت جعلي کاتو ٺاهي سيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ڊي سي خيرپور ۽ گمبٽ جي روينيو عملدارن کي طلب ڪري ورتو. رپورٽ موجب ڳوٺ جاڙا کوھ واسي آبادگار احمد علي ڪلھوڙو جي درخواست تي سينئر سول جج گمبٽ جي عدالت ٻڌڻيءَ دوران ڊپٽي ڪمشنر خيرپور نور عالم چنا، اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ اظھر لغاري، مختيار ڪار گمبٽ صلاح الدين گهمرو، رپڙيءَ جي تپيدار امان الله اعواڻ، رجسٽرار لياقت شيخ ۽ ٻين عملدارن خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين 16 جنوري تي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو آهي.