گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي غريب آباد پاڙي جو رهواسي هڏن ۽ جوڙن جي علاج جي حوالي سان مشهور حڪيم فقير چيز علي گلال پيٽ جي ڪينسر وگهي لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز غريب آباد پاڙي ۾ ادا ڪرڻ بعد وصيت موجب گهر ڀرسان ئي تدفين ڪئي وئي. ٻئي پاسي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.