گل جي گرفتاري کانپوءِ خاموش ٿيل “ انقلابي” عمران خان!

0
123
گل جي گرفتاري کانپوءِ خاموش ٿيل “ انقلابي” عمران خان!

 عام طرح پوري دنيا ۾ ۽ خاص طور تي اسان جهڙن ملڪن ۾ چالو ۽ استحصالي نظام هيٺ اقتدار پرست سياسي پارٽين جا ليڊر ڪهڙي طرح عوام سان اکيون ڳاڙهيون ڪري وڏا جوشيلا خطاب ڪندا آهن ۽ جذبات جو ايئن اظهار ڪندا آهن، جنهن مان خدائي خلق کي هڪ لمحي جي لاءِ به احساس نه ٿيندو آهي ته اسان جو اڳواڻ ڪا اداڪاري ڪري رهيو آهي يا سچ ۾ سندس جذبا اهڙا آهن. عوامي سطح تي اهڙي ڪمال  جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽي صاحب پيپلز پارٽي جو بنياد رکڻ سان ڪئي. جنهن نه صرف عوام جو توجهه ڇڪائڻ لاءِ پرڪشش نعرا ڏنا، پر ان کي حقيقي ثابت ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي ڪجهه عمل پڻ ڪري ڏيکاريا، جنهن جو هڪ عيني شاهد پيپلز پارٽي جو اڳوڻو مرڪزي رهنما ۽ بزرگ سياستدان ڪامريڊ مير محمد ٽالپر هو. جنهن پنهنجي هڪڙي ڪتاب ۾ ڀٽي صاحب جي هڪ اهڙي سياسي عمل جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته، “سياري جي موسم هئي. پيپلز پارٽي جو جلسو هو. ماڻهن جو به وڏو انگ هو. ڀُٽو مرحوم به هو. ڀُٽي تقرير کان اڳ پنهنجو ڪوٽ لاٿو ۽ چوڻ لڳو ته سيءُ به ڏاڍو آهي، اوهان غريب سردي ۾ ويٺا آهيو.

آئون ڪهڙو ڪوٽ پائي ويهان. هن پنهنجو ڪوٽ ماڻهن ڏي اڇلايو، ماڻهو ڪوٽ کي چنبڙي ويا ۽ ڪوٽ جا کيسا ڦلهورڻ لڳا. مون ڀُٽي کان پڇيو ته ڪوٽ ۾ ڪو ڏوڪڙ ته ڪونهي. مون کي ڀُٽي چيو ته ڪامريڊ آئون ڪو بي عقل آهيان جو نوٽن سان ڀريل ڪوٽ اڇلايان. مڙئي سياسي ناٽڪ آهي، منهنجو ڪوٽ به پراڻو آهي.” (’يادگيرين جو سفر‘، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، ٻيو ڇاپو 2004ع، ص 38.) ڀٽي صاحب مرحيات عوام جي وڏن هجومن کي خطاب ڪندي نه صرف اهڙا عمل ڪيا، پر عوام کي اهڙا اهڙا خواب ڏيکاريا جيڪي وڏين قربانين ۽ تاريخي تحريڪن جي ڪاميابين کانپوءِ ڪي قدر ۽ آهستي آهستي عمل جي صورت ۾ نروار ٿيندي نظر ايندا آهن، پر ڀٽي صاحب ان کي صرف هڪ ووٽ ڏيڻ جي بدلي سڀ ڪرشما ڪري ڏيکارڻ جو نه صرف بار بار اعلان ڪيو، پر واعدو به ڪيو، جيڪو هو ملڪ ۾ سوشلسٽ نظام قائم ڪرڻ. ڀٽو صاحب ۽ سندس پارٽي ان نعري ۽ نظرئي سان ڪيترا سچا ۽ مخلص هئا، تنهن جو اعتراف ٻيو ڪير به نه پر سندس سئوٽ ممتاز علي ڀٽو، جيڪو سندس حڪومت ۾ نه صرف سنڌ جو بااختيار وزيراعليٰ هو، پر سندس ساڄو هٿ پڻ هو، جنهن کي پنهنجي وزارت اعليٰ دوران سنڌ جو “ڏهيسر” جو خطاب پڻ مليو. تنهن تقريبن ويهه سال اڳ مهتاب اڪبر راشدي صاحبه کي پروگرام “ماضي حال ۾” انٽرويو ڏيندي ڀٽي صاحب جي سوشل ازم سان سچائي ۽ وفاداري جو اعتراف ڪندي، مُنهن تي سهڻي مسڪراهٽ آڻيندي چيو ته،“ڀٽو صاحب خاص ڪري ان وقت سوشلزم جي ڳالهه ڪئي، پر ان ۾ ڪو يقين نه رکندو هو. پر هن وقت جو فائدو ورتو. ڇو ته سوشلزم ان وقت هڪ برننگ اشو (اهم معاملو) هو. سڄي دنيا ۾ سوشلزم باهه وانگر اڀريو. سياست ۾ هڪ رومانٽڪ اشو (سحرانگريز معاملو) بڻجي آيو، ان ڪري هن ان جو فائدو ورتو.”

ڀٽي صاحب کانپوءِ ان انداز کي بينظير صاحبه ڪاپي ڪيو ۽ ان جو ٿورو گهڻو اثر نواز ليگ ۽ ٻين پارٽين تي پڻ پيو. پر گذريل ڏيڍ ڏهاڪي کان پيپلز پارٽي، نواز ليگ، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين مذهبي جماعتن سان گڏ تحريڪ انصاف ۽ خاص طور تي عمران خان ان کي تمام گهڻو وڌائي چڙهائي، ڪٿي ته ڀٽي صاحب کان به چار رتيون اڳتي نظر پيو اچي ۽ اهڙي طرح ٿو اداڪاري ڪري جو هزارين لکين معصوم ماڻهو هن کي هڪ “مسيحا” طور ڏسي ۽ ايمان آڻي رهيا آهن. رڳو عام ماڻهو ڇا پر چڱا پڙهيا لکيا به هن جي چڪر ۾ اچي ويا آهن ۽ جتي ڪٿي عمران خان جي حمايت ۾ لهي ٿا پون يا هن کي عوام جو هڏ ڏوکي پيش ڪري رهيا آهن. هلو هڪ گهڙي لاءِ اهو به کڻي تسليم ٿا ڪريون ته عمران خان اقتدار ملڻ کان اڳ پاڪستان ۾ ڪرپشن، لاقانونيت، بيروزگاري، پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ ٻين پارٽين متعلق جيڪو ڳالهايو اهو رپئي جو رپيو سچ ۽ حقيقت هو ۽ آهي. پر جڏهن هن کي 3 سال اٺ مهينا اقتدار مليو. اهو تمام وڏو عرصو آهي، تنهن ۾ هن ڪرپشن کي  ٽن مهينن اندر ختم ڪرڻ جو جيڪو واعدو ڪيو، ان جي دور ۾ ٻن سالن جي اندر “ايمنسٽي انٽرنيشنل” 2021ع جي رپورٽ مطابق پاڪستان جيڪو 2018ع ۾ ڪرپشن انڊيڪس ۾ 117هين نمبر تي هو، اهو 140هين نمبر تي اچي ويو. اهو عمران خان جو سڀ کان وڏو ۽ دلفريب نعرو هو. پر عملي طور ڇا ٿيو؟ ڪرپشن جو خاتمو ۽ رُڪجڻ ته ٿيا پري پر تنهن ۾ وڏي حد تائين واڌ ثابت ڪيو ته عمران خان جي پارٽي ۽ حڪومت ۾ شامل ماڻهو پاڻ سميت ڪيترا ڪرپشن کان پاڪ ۽ صاف آهن.

بيروزگاري جي خاتمي لاءِ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيائين، پر سندس حڪومت ۾ 30 کان 50 لک تائين وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ڪيا ويا. مهانگائي کي روڪڻ لاءِ جيڪي واعدا ڪيائين، ان تي عمل اهو ٿيو جو سندس دور ۾ مهانگائي اڳي کان وڌيڪ وڌي وڃي 15 کان ويهه سيڪڙو تائين پهتي ۽ ان سان گڏ سندس دور ۾ اٽي ۽ کنڊ جي اسمگلنگ جا اسڪينڊل سامهون آيا، جنهن ۾ سندس ساڄو هٿ رهندڙ جهانگير ترين، خسرو بختيار ۽ ٻيا ملوث نڪتا، اربين رپين جي ان ڌاڙي ۾ نه جهانگير ترين، خسرو بختيار ۽ ٻين کي ڪا سزا ملي ۽ نه ئي انهن کان اهي پيسا واپس مليا ۽ عمران خان وزارت اعظميٰ تي برجمان ٿيو ويٺو هو. تيل جي قيمتن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي. آءِ ايم ايف جي باري ۾ چيائين ته خودڪشي ڪري ڪري ڇڏيندس پر آءِ ايم ايف ڏي نه ويندس، حڪومت ملڻ کانپوءِ نه صرف آءِ ايم ايف ڏي ويو، پر افسوس جو اظهار ڪيائين ته آءِ ايم ايف ڏي وڃڻ ۾ دير ڪيم. ڇا جن اڳواڻن ۽ ليڊرن کي قوم جي حقيقي مسئلن ۽ معاملن جو گهرو اقدار هوندو آهي اهي اهڙي قسم جا ڊراما، ناٽڪ ۽ اداڪاريون ڪندا آهن؟ ڇا جن اڳواڻن ۽ ليڊرن کي خبر هوندي آهي ته پاڪستان جا 22 ڪروڙ عوام هڪ عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن، انهن کي اهڙي عذاب مان ڪڍڻ جي لاءِ اهي ايئن ڊرامي بازيون ڪندا آهن، جيئن عمران خان ڪري رهيو آهي؟ عمران خان جيڪو بار بار وڏي فخر سان چوندو هو ته جيڪڏهن هن ملڪ جو هڪ وزيراعظم ايماندار ۽ صاف ڪردار وارو ملي وڃي ته هي ملڪ “مديني جي رياست” جهڙو بڻجي ويندو، عمران خان ٽي سال اٺ مهينا وزيراعظم رهيو، ڇا پنهنجي سڄي حڪومتي ڪارڪردگي کي سامهون رکي هُو پنهنجي پاڻ کي هڪ ايماندار يا صاف ڪردار جو وزيراعظم قرار ڏيندو؟

عمران خان اقتدار ۾ هجي يا اقتدار کان ٻاهر پر سندس ٻولي، لهجو، انداز صفا “انقلابي” نظر ايندو آهي. جڏهن حڪومت ۾ هو تڏهن به ايئن پيو جوشيلا خطاب ڪندو هو جو لڳندو هو ته هن کي اقتدار مليو ئي ڪونهي ۽ جيڪڏهن هن کي اقتدار مليو ته هي پاڪستان کي ترقي جي منزل تي الائي ڪٿي پهچائي ڇڏيندو، پر عوام کي سندس ٽي سال ۽ اٺ مهينا حڪومت ۾ صرف اهي ئي ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ مليون جيڪي اقتدار کان ٻاهر هُو ڪندو هو ۽ هاڻي به اهي ڳالهيون ايئن ڪري رهيو آهي ڄڻ هن کي ڪڏهن ڪو اقتدار مليو ئي نه هو، بس اقتدار ملڻ جي انتظار ۾ آهي. پر ڇا اهو عمران خان صفا سادو، درويش، معصوم، عوام جو حقيقي خيرخواهه، هڏ ڏوکي ۽ درويش آهي، پاڻ پنهنجي سياست، سياسي پاليسين، عملن ۽ تقريرن جا ڪي فائدا ۽ نقصان نه ڏسي رهيو آهي يا اهي کيس سمجهه ۾ نه اچي رهيا آهن؟ هاڻي به جڏهن شهباز گل جيڪو هن جو چيف آف اسٽاف آهي، تنهن اداري بابت ڳالهايو ته هن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ عمران خان سميت سڀني ان گرفتاري جي مذمت ڪئي، پر هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ عمران خان سميت اعتراف ڪيو ته واقعي شهباز گل کي ايئن نه ڳالهائڻ گهرجي ها ۽ هن واقعي ادارن خلاف غلط ڳالهايو آهي. شهباز گل جي گرفتاري کانپوءِ عمران خان پاڻ خاموش ٿي ويو آهي،

جنهن جو عملي مظاهرو هن 13 آگسٽ تي لاهور جلسي ۾ ڪيو. نيوٽرلز ۽ اسٽيبلشمينٽ بابت هڪ اکر به نه ڳالهائين. آمريڪا لاءِ دوستي ۽ سٺا تعلقات قائم ڪرڻ جا اعلان ڪيائين. نه صرف اهو پر جنهن پرويز الاهي شهباز گل جي ادارن جي حوالي سان بيان تي سخت تنقيد ڪئي هئي، هن کان اهو پڇڻ گهرجي ها ته توهان منهنجي ووٽن تي وزيراعليٰ ٿيا آهيو، توهان منهنجي خاص ماڻهو تي ايئن تنقيد ڇو ڪئي؟ ان جو ڪو حساب ڪتاب ڏيو؟ پر ڇاڪاڻ ته عمران خان آهي، تنهن ڪري هن ڏٺو ته اهو پڇاڻو ۽ اهڙا حساب ڪتاب فائدي بجاءِ نقصان ڏيندا، تنهن ڪري وڏي ۽ ڊگهي مدي واري فائدي کي نظر ۾ رکندي هن کي نه صرف اسٽيج تي پاڻ سان گڏ ڀر ۾ ويهاريائين، پر هن جيڪا تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته عمران خان جا ادارن سان سٺا تعلقات آهن، تنهن تي عوام جو سمنڊ ته پريشان ٿي خاموشي اختيار ڪري ويو. عوام سمجهيو ته اهو صرف پرويز الاهي جو پنهنجو خيال ۽ اظهار آهي، پر اسڪرپٽ تحت اسٽيج سيڪريٽري مائيڪ پنهنجي هٿ ۾ وٺي پرويز الاهي جي اهڙي بيان جي تائيد ڪندي عوام کان نعرا هڻايا ۽ ان کانپوءِ عمران خان نيوٽرلز ۽ اسٽيبلشمينٽ تي تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ خاموشي اختيار ڪئي، جنهن جو مطلب ته عمران خان پاران پرويز الاهي جي ڳالهه کي قبول ڪرڻ هو.

نه ته شهباز گل جي گرفتاري تي صفا جذباتي ٿيل عمران خان پرويز الاهي تي سخت تنقيد ڪندي چئي ها ته پرويز الاهي صاحب توهان جي مهرباني منهنجا اداري سان ڪي به سٺا تعلقات ناهن ۽ ٻيو ته آئون ۽ منهنجي پارٽي ۽ ڪارڪن شهباز گل جي گرفتاري تي سخت ڪاوڙيل آهيون، تنهن ڪري اهڙي وقت ۾ ان قسم جون ڳالهيون ڪري عوام ۾ گمراهي پيدا نه ڪيو. پر عمران خان جو مسئلو ۽ معاملو ٻيو آهي. جيڪو تمام آسان ۽ سولو آهي. هن کي نه پنهنجي ڪنهن پارٽي اڳواڻ، ساٿي جو احساس آهي ۽ نه پاڪستان جي عوام جي اهنجن، تڪليفن، مشڪلاتن جو ڪو احساس آهي، هن کي پاڪستان مان ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ، پاڪستان مان بيروزگاري ختم ڪرڻ، هن کي پاڪستان مان لاقانونيت جو خاتمو ڪري قانون ۽ آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ سان ڪو سروڪار ناهي، هن کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تبديل ڪري عوام جي مفادن وٽان ڪرڻ جو ڪو لاچار ڪونهي، پر هي اهڙو ئي پاڪستان چاهي ٿو، جنهن ۾ هن کي صرف وزارت اعظميٰ کپي ۽ باقي پاڪستان جو نظام جيئن گذريل 75 سالن کان هلندو پيو اچي، ايئن ئي هلائڻ چاهي ٿو ۽ ايئن پنهنجي حڪومت دوران هلائي ڏيکاريو. جيڪڏهن هُو واقعي پاڪستان ۾ ڪا بنيادي تبديل آڻڻ لاءِ ڪوشان هجي ها ته ان جي هڪڙي مٿاڇري جهلڪ سندس ٽي سال اٺ مهينا حڪومت ۾ عوام کي به نظر اچي ها.

[email protected]