گلگت (م ڊ) اپر ڪوهستان جي علائقي شاهراهه قراقرم تي گهمڻ ويل ڪراچي واسين جي وين کاهي ۾ ڪري  پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪراچي کان هنزه گهمڻ لاءِ ويل ڪراچي واسين جي وين شاهراهه قرار تي کاهي ۾ ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين ۽ زخمين کي ڪڍي لاش اسپتال پهچايا، جتي زخمين جو علاج هلندڙ آهي. ان ڏس ۾ امدادي ٽيمن جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان گهمڻ لاءِ ايندڙن جي وين کائي ۾ ڪري پئي، ڪراچي واسي گلگت کان هنزه طرف وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو.