لاهور(شوبز نيوز)سيشن ڪورٽ گلوڪاره مشيا شفيع کي اپيل تي فيصلو اچڻ تائين پيش نه ٿيڻ جو رليف مليو.سيشن ڪورٽ ۾ گلوڪاره ميشاا شفيع جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران سيشن ڪورٽ گلوڪاره کي ڪورٽ ۾ سيڪيورٽي بونڊز جمع ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو، ان کان علاوه عدالت ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو ۽ ميشا شفيع جي اپيل تي فيصلو اچڻ تائين طلبي کي ڪالعدم قرار ڏنو.ياد رهي ته ميشا شفيع طلبي کي سيشن ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو هو، ميشا شفيع جو چوڻ هو ته هوءَ پنهنجي مڙس ۽ ٻارن سان ڪينيڊا ۾ رهي ٿي، ڪورنا سبب ڪينيڊين حڪومت ايڊوائزري جاري ڪئي آهي تنهن ڪري في الحال پاڪستان اچڻ مشڪل آهي البت عدالت اجازت ڏئي ته هوءَ وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿي سگهي ٿي.