گلشن معمار ۾ سياسي پارٽين ۾ جهيڙو: پي ٽي آءِ ايم پي اي گرفتار

0
170

ڪراچي جي علائقي گلشن معمار بلاڪ ڊي ۾ ٻن سياسي پارٽين وچ ۾ جهيڙي کانپوءِ پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي رابستان خان کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

ٽائيم نيوز موجب ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن وڏي انگ ۾ پولنگ اسٽيشن ٻاهران پهتا ته ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي

پيپلزپارٽي جي يوسي 12 جي نامزد يوسي چيئرمين هلال سعيد تي مبينا تشدد ڪيو ويو، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو

گلشن معمار پوليس پي ٽي آءِ ايم پي اي رابستان خان کي حراست ۾ ورتو، واقعي بعد پوليس جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي صورتحال تي ضابطو آندو