گلشن حديد مان مهينو اڳ پرسرار نموني گم ٿيل نوجوان ناري جو پتون نه پيو

0
148
گلشن حديد مان مهينو

ملير (ن پ ا)   گلشن حديد مان هڪ مهينو اڳ پرسرار نموني گم ٿيل نوجوان ناري غنويٰ لُنڊ جو پتو پئجي نه سگهيو، وارثن پاران اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي نامعلوم ماڻھن خلاف ناري جي اغوا جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي

ناري جو ڀاءُ ابرار لنڊ جو چوڻ آهي ته منهنجي ڀيڻ گهر ويجهو ٻي گهٽي ۾ پارلر تي بيوٽيشن جو ڪم سکندي هئي جتان کان واپس ناهي ٿي

هن چيو ته اسٽيل ٽائون پوليس اسان جي ڀيڻ جي بازيابي لاءِ ڪوب تحرڪ ن پئي وٺي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا وس وارا اسان جي ڀيڻ جي ڳولا ۾ مدد ڪن