گلاب لغاري (ن پ ا) گلاب لغاري ۾ چانڊيا برادري پاران منشيات وڪري ۽ جوابدارگرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڳوٺ غلام علي  چانڊيو جي رھواسين شڪيلا چانڊيو، دلاور چانڊيو، فتح محمد چانڊيو، شھباز ۽ ٻين دانهيندي چيو ته مظاهرين چيو ته سرعام منشيات جو اڏو هلي رهيو آهي، شڪايتن باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي منشيات وڪرو بند ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.