گلاب لغاري (ن پ ا) گلاب لغاري ويجهو برسات متاثر  ڳوٺاڻن جو واھر نه ٿيڻ ۽ شاخن جا گھارا بند نه ڪرڻ خلاف محمد صالح انڙ، محمد يوسف انڙ، غلام نبي انڙ، مشتاق انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملي ۽ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي،  مظاھرين جو چوڻ ھو ته زئونر شاخ کي پوڇڙي ۾ لڳل گھارا، زئور ۽ ميرانکوري شاخن جي واٽرن جو وھندڙ پاڻي پندرنهن ڏينھن کان بند نه ڪرڻ سبب پورو ڳوٺ پاڻي جي گھيري ھيٺ اچي ويو آهي، انتظاميا ڪي به قدم ناهن کنيا،  گهر ڊهي پيا، بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، گهارا بند ڪرائي واهر ڪئي وڃي.