گلاب لغاري (ن پ ا ) گلاب لغاري شھر ۾ بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان باھ لڳڻ سبب 3 دڪان سڙي رک ٿي ويا. گذريل ڏينهن شھر جي مين روڊ تي بجلي جي تار مان باھ لڳڻ سبب مير حسن لغاري، ڪامون خاصخيلي ۽ مگنيو ڪولھيءَ جي ڪئبن، کير ۽ سبزيءَ جا دڪان ۽ انهن ۾ پيل 2 فرجون، سولر پليٽون، ھڪ لک رپيا روڪ ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک جو ڍير ٿي ويو. اھڙي اطلاع تي گلاب لغاري پوليس چمبڙ ۽ نئون دمبالو مان فائربرگيڊ جي ٻن گاڏين کي گھرائي ورتو جن سرزمين تي پھچي باھ وسائي ٻين دڪانن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. باهه لڳڻ سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو 6 لک رپيا ٻڌايو پيو وڃي. باهه متاثرن تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪاروبار جي بحالي لاءِ سندن مالي مدد ڪئي وڃي.