گفتگو گفتگو … ڊجيٽل آدمشماري ۽ پيپلز پارٽي جي سڏايل اي پي سي

0
140
گفتگو گفتگو ... ڊجيٽل آدمشماري ۽ پيپلز پارٽي جي سڏايل اي پي سي

هن ملڪ جي وجود جي پهرين ڏينهن کان وٺي خاص ڪري سنڌ ۾ هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ڌارين جون ٻوڏون آنديون ويون، جيڪي اڃان تائين تيزي سان جاري آهن. ڌارين ماڻهن جي اچڻ ڪري سنڌ جا شهر، روزگار جا وسيلا، نوڪريون، ڪاروبار ۽ حق حڪمراني سندن حوالي ٿي ويا آهن. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ غير ملڪين لاءِ ڪي قانون هوندا آهن، ڪي اصول طئي ٿيل هوندا آهن ۽ اتي جا حڪمران انهن تي سختي سان عمل ڪرائيندا آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ ڪا به جهل پل ناهي. ڪو به ماڻهو ڪنهن به ملڪ مان اچي ان کي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي ٿو، ان کي ڪابه روڪ ٽوڪ نه آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي هڪ غير سنڌي ايم اين اي قادر مندوخيل چونڊجي وڃي ٿو ۽ اهو قومي اسيمبليءَ ۾ وڃي بل پيش ڪري ٿو ته جيڪو به ماڻهو 6 مهينا جتي به رهي، ان کي ڊوميسائيل ڏنو وڃي. هي سمورا اهي هٿڪنڊا آهن ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي. افغان جنگ ۾ هزارين افغاني غير قانوني طور تي خاص ڪري ڪراچي ۾ آباد ڪيا ويا آهن، اهو سلسلو هلندڙ آهي. ان کان سواءِ برمين، بهارين، بنگالين، هندستانين، روهينگين ۽ ٻين غير ملڪين جو وڏو تعداد ڪراچي ۾ رهي ٿو. ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ جي انٽيليجنس ايجنسين رپورٽ جمع ڪرائي هئي ته 40 لکن کان وڌيڪ غير ملڪي غير قانوني طور ڪراچي ۾ رهن ٿا، انهن مان گهڻائي هٿيارن ۽ منشيات جي وڪري، زمينن تي قبضن، دهشتگردي سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهي. سپريم ڪورٽ حڪم ڪيو هو ته 2018ع جي اليڪشن کان اڳ سمورن غير ملڪين کي نيڪالي ڏني وڃي، ان حڪم تي اڄ تائين عمل نه ٿيو. سون تي سهاڳو ته اڳوڻي وزير اعظم عمران خان ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار کهڙو صاحب اعلان ڪيو هو ته اسان ڌارين کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏينداسين. عالمي قانون تحت سڄي دنيا ۾ ايئن ايندو آهي ته جنگين، ٻوڏن يا ڪنهن به سبب جي ڪري غير ملڪين لاءِ ڪئمپون قائم ڪيون وينديون آهن، غير ملڪين کي وقتي طور تي انهن ۾ رهايو ويندو آهي ۽ پوءِ کين پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو آهي، پر اسان جي ملڪ کي ۽ خاص ڪري سنڌ کي غير ملڪين جي آماجگاهه بڻايو ويو آهي.

سنڌ جي ساڃاهه وندن، محب وطن، عوام دوست ۽ قومپرست سياسي قيادت، اديبن، دانشورن، صحافين، وڪيلن، شاگردن، هاري ۽ مزدور اڳواڻن وقت به وقت ڌارين لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ خلاف احتجاجي جدوجهد پئي ڪئي آهي. موجوده وفاقي سرڪار طرفان اعلانيل ڊجيٽل آدمشماري خلاف عوامي تحريڪ گذريل ٻه مهينا اڳ جنوري جي 3 تاريخ تي ٺٽي جي شهر جهمپير کان احتجاجي جدوجهد وسل مارچ جي صورت ۾ شروع ڪئي، اها مارچ جهمپير ۽ ٻين شهرن کان ٿيندي ٺٽي پهتي ۽ ايئن سجاول، بدين، سانگهڙ ضلعن ۾ وسل مارچ ڪيا ويا ۽ ٻين ضلعن ۾ هڪ اسٽاپ کان ٻي اسٽاپ يا ڳوٺ تائين شارٽ مارچون ڪيون ويون. ننڍن وڏن اسٽاپن تي تقريرون ڪيون ويون، قومي گيت ڳايا ويا، هزارين جي تعداد ۾ پمفليٽ ورهايا ويا، سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳي جو سڏ ڏنو ويو.

آدم ڳڻپ ۽ گهر ڳڻپ ان وقت ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي شروع ڪئي ويئي آهي، جڏهن ٻوڏ سبب ٻه ڪروڙ سنڌي ماڻهو دربدر آهن. لکين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ۽ ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪيل رپورٽ موجود آھي تھ 40 لک غير ملڪي غير قانوني طور تي ڪراچي ۾ رهن ٿا، جڏهن ته سنڌ جي ساڃاهه وندن جو موقف آهي ته غير ملڪين جو انگ ٻيڻو ۽ ٽيڻو آهي. ايم ڪيو ايم لاءِ اهو سنهري موقعو آهي ته هڪ طرف سنڌي ماڻهو گهٽ ڳڻبا ۽ ٻي طرف سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچي تي قبضو ڪرڻ لاءِ سمورن غير ملڪين کي ڳڻي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته هاڻي سنڌي ماڻهو گهٽ آهن، هڪ ته ڪراچي جون سيٽون وڌايون وڃن ۽ انتظامي طور تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهايو وڃي، يعني ڌار صوبو ٺاهيو وڃي. ايم ڪيو ايم جو سنڌ کي ورهائڻ وارو اهو پراڻو خواب آهي، جنهن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم سان گڏ اقتدار جي حوس ۾ پيپلز پارٽي به برابر جي شريڪ آهي.

هاڻي جڏهن ڊجيٽل آدمشماري خلاف سنڌ جو سگهارو آواز اٿيو آهي. گذريل ٽن مهينن کان وٺي عوامي تحريڪ سڄي سنڌ ۾ وسل ۽ شارٽ مارچ ڪيا، احتجاجي ريليون، مظاهرا، بک هڙتالون ۽ ڌرڻا هنيا، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ سيمينار ڪري سنڌ جي ساڃاهه وندن، اديبن، دانشورن، صحافين، وڪيلن، قلمڪارن کي گڏ ڪيو. ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪرڻ لاءِ گڏيل موقف پيش ڪيو. 12 فيبروري تي ڪراچي ۾ ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين هزارين سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن، عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن سميت سول سوسائٽي جي ماڻهن گڏ ٿي آدمشماري کي رد ڪيو. عوامي تحريڪ سميت سنڌ جي ٻين سياسي پارٽين ايس يو پي لانگ مارچ ڪيو، ايس ٽي پي بک هڙتالون شروع ڪيون سڄي سنڌ جاڳي پئي آهي ۽ هڪ سگهارو آواز بلند ٿيو آهي، تڏھن پيپلز پارٽي يو ٽرن ورتو آهي. پيپلز پارٽي جا حڪمران هميشه ايئن ڪندا آهن، پهرين هو سنڌ جي وسيلن تي سوديبازي ڪندا آهن، جڏهن عوام جو شديد رد عمل ايندو آهي ته پوءِ وري ڪو نه ڪو بهانو بڻائي عوامي جدوجهدن کي هاءِ جيڪ ڪرڻ لاءِ سانگ رچائيندا آهن. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جڏهن سامونڊي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار کي اين او سي ڏني هئي، تڏهن به سنڌ جي عوام شديد احتجاج ڪيو ۽ نتيجي ۾ پيپلز پارٽي کي يو ٽرن وٺڻو پيو.

هاڻي سنڌ جي عوام جي شديد رد عمل کان پوءِ پيپلز پارٽي آدمشماري واري معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي آهي. هن ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ ۽ ايس يو پي شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پهرين ڳالهه ته پيپلز پارٽي جي وزير اعلى سيد مراد علي شاهه صاحب سي سي آئي ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪرايو، جيڪو فيصلو هن ايم ڪيو ايم جي فرمائش تي ڪرايو، ٻي ڳالهه ته 2017ع کان پوءِ 2027ع ۾ ڏهن سالن بعد اصول موجب آدمشماري ڪرائڻي هئي، پر اها آدمشماري پنجن سالن کان پوءِ ڪرائي پئي وڃي. ٽين ڳالهه ته ٻوڏ سبب سنڌ جا ٻه ڪروڙ ماڻهو دربدر آهن،

 هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪوبه تدارڪ نه ڪيو ويو آهي، اهڙي صورتحال ۾ آدمشماري ڪيئن ٿي ڪرائي وڃي؟ ڇوٿين ڳالهه ته خاص ڪري ڪراچي ۾ لکين افغانين، بهارين، بنگالين، برمين ۽ ٻين غير قانوني رهندڙ ڌارين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ، ڪئمپن ۾ رهائڻ کان سواءِ انهن کي ملڪ جو شهري ڪري ڇو پيو ڳڻيو وڃي؟ پنجين ڳالهه ته ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ لاءِ جيڪي ڊوائس يا ٽبليٽ ڏنا ويا آهن، انهن جو انٽرنيٽ يا سرور سان ڳانڍاپي جو مسئلو آهي،

شناختي ڪارڊ جو پهرين شرط ئي نه رکيو ويو هو، فارم ۾ لاڳاپيل سوالن کان وٺي جنهن ماڻهو جو فارم ڀريو پيو وڃي، ان کي ڪو رڪارڊ، رسيد ڏيڻ کان وٺي سنڌ سرڪار کي رڪارڊ ڏيڻ لاءِ ڪوبه ميڪنزم يا طريقيڪار جوڙيل نه آهي. هن هيڏي وڏي فاش علطي ڪرڻ تي پهرين ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صاحب کي سنڌ جي ماڻهن سان معذرت ڪرڻ گهربي هئي. آل پارٽيز ڪانفرنس ڪرائڻ جو وقت ته پوءِ جي ڳالهه آهي، ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪرائڻ لاءِ پيپلز پارٽي کي هنگامي بنيادن تي پهرين سي سي آئي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ کپي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڊجيٽل آدمشماري خلاف فوري طور تي ٺهراءُ پاس ڪرائڻ کپن. پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت جو حصو آهي. پهرين پيپلز پارٽي کي اهي فورم استعمال ڪرڻ کپندا هئا، جيڪڏهن هنن سمورن فيصلا ڪندڙ فورمن تان پيپلز پارٽي مڪمل ناڪام ٿئي ها ته پوءِ سمورين ڌرين کي گڏ ڪري ها.

[email protected]