ملتان (م ڊ) وزيراعظم عثمان بوزدار ۽ شهبازشريف ۾ ڀيٽ جو چيلنج ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو ته ٻنهي جي ڀيٽ ڪريو، اڍائي سال پهرين هڪ اداڪار ڪڏهن بوٽ پائي پاڻي ۾ بيهندو هو ته ڪڏهن ٽوپي پائي ايندو هو، پنهنجي مشهوري تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ ڀيٽ ناهي. وزيراعظم ملتان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ اسان هڪ سوچ ذريعي يورپي يونين ۽ گڏيل قومن ۾ وينداسين، ان جي شروعات اسان ڪري ڇڏي آهي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 4 مسلمان ملڪن جي سربراهن سان ڳالهائي ڇڏيو آهي، اهي سڀ اسان سان متفق آهن، حڪومت جا پنج سال پورا ٿيڻ کان اڳ قوم کي خوشخبري ڏيندس ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ اسانجو پيغام وڃي چڪو هوندو، هن چيو ته فرانس ۾ خاڪن خلاف هڪ پارٽي حڪومت جي لوندڙي تي پستول رکي چيو ته فرانسيسي سفير کي واپس موڪليو، ٽي ايل پي جو طريقو اهو هو ته اسلام آباد حملو ڪريو، حڪومت تي دٻاءُ وجهو، ڀڃ ڊاهه ڪريو، ان طريقيڪار تي 100 سال به لڳائبا ته يورپ تي ڪوبه فرق نه پوندو. وزيراعظم عمران خان عثمان بوزدار ۽ شهبازشريف ۾ وزيراعليٰ طور ڀيٽ ڪرڻ جو چيلنج ڏيندي چيو ته ملتان جي عوام کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته عثمان بوزدار کي ڇو وزيراعليٰ چونڊيو؟ عثمان بوزدار تي ميڊيا ۾ تنقيد ٿيندي آهي، مون کان گهٽ ٿيندي آهي پر ٿيندي آهي، مهم هلندي آهي ته عثمان بوزدار وزيراعليٰ جي اهميت نه ٿو رکي. عمران خان چيو ته شهبازشريف ۽ عثمان بوزدار جي ڀيٽ ڪريو، اڍائي سال پهرين هڪ اداڪار ڪڏهن بوٽ پائي پاڻي ۾ بيهندو هو، ڪڏهن ٽوپي پائي ايندو هو، پنهنجي پبلسٽي تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ ڀيٽ ناهي، عثمان بوزدار کي آڻڻ وقت اهو سوچيو ته مونکي اهڙي قسم جو وزيراعليٰ گهرجي، اهڙو ماڻهو هجي جيڪو منهنجي سوچ تي عمل ڪري، ايئن نه ٿئي ته مني لانڊرنگ ڪري ٽي ٽيز لڳائي، پنجاب ۾ عوام کي هيٺين سطح کان مٿي آڻڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا پيا وڃن، صوبي جي تاريخ ۾ ايئن ڪڏهن نه ٿيو هوندو. هن چيو ته لنڊن جي مهانگن علائقن ۾ هنن ماڻهن محل ورتا آهن، لنڊن جي وزيراعظم وٽ به مهانگن علائقن ۾ رهڻ لاءِ پيسا ناهن. هن چيو ته مون کي اهڙو ماڻهو کپندو هو، جنهن جو پاڪستان لاءِ جيئڻ مرڻ هجي، ان کي موڪل لاءِ ٻاهر نه وڃڻو پئي، هي ماڻهن کي چون ٿا ته پيسا کڻي اچو، پنهنجو پيسو ٻاهر کڻي ويا آهن، عثمان بوزدار کي وڏو وزير بڻائڻ کان اڳ ۾ ٽيسٽ ڪيو. وزيراعظم چيو ته سال جي آخر تائين پنجاب جي هر گهر ۾ هيلٿ ڪارڊ ويندو، ننڍن آبادگارن جي مدد ڪنداسين ته ملڪ ۾ خوشحالي ايندي، عثمان بوزدار جو علائقو ڊي جي خان سڀ کان پٺ تي پيل آهي، اسان کي سڀني علائقن کي ترقي ڏيارڻي آهي، تخت لاهور وارن رڳو رائيونڊ ۾ عوام جي پيسي سان ڪم ڪرايو، پنهنجو پئسو ٻاهر رکيو.