اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آن سائٽ دوري  ۽ پاڪستان جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي عمل جي ڪامياب ۽ تڪڙي پڄاڻي جي اوسيئڙي ۾ آهيون. ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تي بيان ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فيٽف جي پاڪستان طرفان 2018 ۽ 2021 جا ايڪشن پلان پورا ٿيڻ جي گڏيل اعتراف جي آجيان ڪيان ٿو، ٻنهي ايڪشن پلانز جي سڀني ٽيڪنيڪي ضرورتن کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو گڏيل قومي ڪوششن ۽ سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي مفادن جي مڪمل هم آهنگي جو نتيجو هو، ايف اي ٽي ايف جي پلينري طرفان پاڪستان جي دوري جي اجازت ڏيڻ جو اعلان هڪ سٺي اڳڀرائي آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ مالياتي شعبي ۾ سڌارن جي ان هاڪاري انداز کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.