گريٽر ٿل ڪئنال رٿا،سنڌ جي خاموشي

0
299
عجب سياست جي غضب ڪهاڻي

 سنڌ ڌرتي ۽ انهي جي ماڻهن جي مفادن جي تحفظ لاءِ جيڪو ڪردار جن ادارن کي ۽ ايوان جي اندر ويٺل توڙي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ حڪمرانن کي ڪرڻ گهرجي اهو انهي اختيار،جرئت  ۽ طاقت سان ڪونھ ٿي رهيو آهي. سنڌو درياهھ جي پاڻي تي پنجاب جي طرفان برطانوي راڄ واري دور کان وٺي مختلف طريقن، رٿائن ۽ حڪمت عملين سان مسلسل قبضو ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهن ٿيون. ۱۹۶۷ع ۾ ايوب خان جي فوجي راڄ ۾چشما بئراج وٽ سنڌو درياهھ منجهان هڪ لنڪ ڪئنال کوٽي پنجاب جي درياهھ جهلم ۾ پاڻي وجهڻ لاءِ رٿا شروع ڪئي وئي. ۱۹۷۱ع ۾ اهو چشما جهلم لنڪ ڪئنال،جنهن جي ڪل ڊيگهھ ۱۰۳ ڪلوميٽر هئي ٺهي تيار ٿيو. انهي وقت پاڪستان جي سرڪار ۽ اختيار اقتدار جناب ذوالفقارعلي ڀٽو وٽ هيو. اهو لنڪ ڪئنال جڏهن ٺهيو هيو ان وقت ئي انهي جي آرڊي۱۸۰ تي گريٽرٿل ڪئنال جي رٿا لاءِ هيڊ ورڪ (چينل يا دروازا) جوڙيو ويو هو. سنڌ جڏهن انهي تي اعتراض واريو ته انهي کي اهو چئي رد ڪيو ويو ته جڏهن درياهھ ۾ ٻوڏ واري صورتحال هوندي تڏهن اهو لنڪ ڪئنال هلندو، پر اهو پوري ماضي جي تاريخ ۾ اڄ سوڌو ڪڏهن به ايئن نه ٿيو جو صرف ٻوڏ جي صورت ۾ واڌو پاڻي کڻڻ لاءِ اهو لنڪ ڪئنال هلندو هجي. سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ جي مند ۾ جڏهن فصلن جي پوکي لاءِ لازمن پاڻي گهربل رهيو تڏهن به اهو لنڪ ڪئنال ٻارنهن ئي مهينا هلندو رهيو. ۱۹۷۳ع جي آئين بعد به ڪو اهڙو سرشتو نه جڙيو جو سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي اختيار سنڌ جو واضح طور رهيو هجي. ڪنهن به واضح معاهدي نه هجڻ سبب نيٺ ڄام صادق علي جي دور ۾ ۱۹۹۱ع جو پاڻي معاهدو ٿيو جنهن تي به هن وقت تائين پوري طرح عمل ڪونھ ٿي رهيو آهي. جنرل پرويز مشرف جڏهن اقتدار ۾ آيو ته اهو وري سنڌو درياهھ تي ڪالاباغ ڊئم ٺاهڻ جي رٿا کي ميدان ۾ کڻي آيو، سنڌ انهي جي شديد مخالفت ڪئي اهو ڪالاباغ جو ڪارو جن تھ دفن ٿي ويو، پر مشرف سنڌ جي مٿان ۱۹۹۱ع جي معاهدي جو سهارو وٺي هڪ وڏو پاڻي جو ڌاڙو هڻڻ‌لاءِ گريٽر ٿل ڪئنال جي رٿا تي ڪم شروع ڪرائي ڏنو. ڇاڪاڻ ته هيڊورڪ اڳواٽ ئي ٺهيل هو انهي جي هيٺان صرف ڪئنال جي کوٽائي شروع ڪرڻي هئي جيڪا ۲۰۰۱ع ۾ شروع ٿي وئي. پيپلز پارٽي، انهي وقت اقتدار کان ٻاهر هئي، سنڌ ۾ سنڌ جي قومپرست جماعتن سان گڏجي اينٽي ٿل ڪئنال موومينٽ شروع ڪئي، پر جيئن ئي کين اقتدار مليو ته ۲۰۰۸ع کان ۲۰۰۹ع تائين انهي رٿا جي پهرين مرحلي ۾ ۳۵ ڪلوميٽر جي ڊگهي ڪئنال جو جيڪو ڪم هلندڙ هيو اهو جاري رهيو. انهي ڪئنال جي رٿا جو تصور يا ارادو ۱۹۶۷ع ۾ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي ٺاهڻ وقت ئي ۱۸۰ آرڊي تي ٺاهيل هيڊورڪس مان پڌرو پيو هو جنهن کي جناب ڀٽو صاحب نه روڪرائي سگهيو، وري جڏهن پيپلز پارٽي کي ۲۰۰۸ع جي حڪومت ملي جنهن ۾ صدر به انهن جو ته وزيراعظم به انهن جو تڏهن به انهي رٿا کي روڪرائڻ ۾ ڪا به پيشرفت پيپلز پارٽي نه ڪري سگهي. اڄ وري انهي گريٽر ٿل ڪئنال جي ٻئين فيز ۾ جڏهن ٻيا انهي منجهان ڪئنال، شاخون ۽ واهھ کوٽڻ جي رٿا منظور ڪئي وئي آهي تڏهن به سنڌ ۾ حڪوت پيپلز پارٽي وٽ آهي وفاق ۾ پاڻي جي وزارت به پيپلز پارٽي وٽ آهي وفاقي حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار به آهن، ارسا جي اندر به سنڌ جي نمائندگي موجود آهي، پر ڪنهن ۾ اها همٿ ڪونهي جو انهي رٿا کي روڪرائي سگهي.

گريٽر ٿل ڪئنال پنجاب جي خوشاب، بکر، ليا ، جهنگ ۽ مظفر ڳڙھه ضلعن جي ۱۷ لک ۳۹ هزار ايڪڙ زمين جي آبادڪاري لاءِ هڪ گريٽر منصوبو آهي. انهي ڪئنال ۾ ۸ هزار ۵ سئو ڪيوسڪس پاڻي کڻڻ جي سگھه آهي جنهن منجهان ۳۴۴ ڪلوميٽر برانچ ڪئنال ۽ هڪ هزار ۹ سئو ۹۹ ڪلوميٽر جون ڊسٽريبيوٽري ۽ مائينرس نڪرنديون. انهي سموري رٿا جي پهرين فيز ۾ ۳۵ ڪلوميٽر جو مک گريٽر ٿل ڪئنال، ۶۵ ڪلوميٽرن جا برانچ ڪئنال ۽ ۴۰۰ ڪلوميٽرن جون ڊسٽريبيوٽريز ۽ مائينرس تيار ڪري پورو ڪم مڪمل ڪري ۳۰ جون ۲۰۱۰ع  تي اهو سمورو سسٽم پنجاب حڪومت پنهنجي آبپاشي کاتي جي حوالي ڪري ڇڏيو. انهي سموري رٿا تي ڪا به ٻاهرين امداد يا قرض ڪونهي سمورو پئسو وفاقي بجيٽ مان کڻي انهي رٿا تي لڳايو ويو. جنهن جي منظوري پڻ لاڳاپيل سڀني ادارن ارسا ۽ ايڪنڪ کان ورتي وئي، انهن ادارن ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي نمائندگي ڪندي رهندي آهي. انهي وقت ۲۰۰۸ع  ۾ وفاق جي صدارت توڙي پوري حڪومت پيپلز پارٽي وٽ هئي. ارسا جي ۱۹۹۲ع واري ائڪٽ جي آرٽيڪل ۸ جي تحت اهو مڪمل اختيار ارسا کي آهي ته اها پاڻي جي موجودگي جي منظوري بعد ڪنهن به ڪئنال جي رٿا جي لاءِ (ايڪنڪ) ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آف ايڪنامڪ نيشنل ڪائونسل،  کي ڪم جي اجازت ڏيندي ته پوءِ ڪا به پاڻي جي رٿا تي پئسا رکي سگهبا. ارسا اهڙي اجازت ۸ مئي ۲۰۰۲ع تي ڏني هئي جنهن بعد انهي جي توسيع سيپٽمبر ۲۰۲۱ع ۾ وري ٻيهر ڏني وئي ته انڊس رور سسٽم ۾ گريٽر ٿل ڪئنال جي انهن رٿا جي لاءِ گهربل پاڻي موجود آهي. هن وقت گريٽر ٿل ڪئنال جي منصوبي جي رٿا واري سموري ڪمانڊ ايريا  جي لاءِ جيڪي به مکيا ڪئنال شاخون ۽ واهھ باقي رهندڙ آهن انهي جي لاءِ ڪم شروع ڪيو پيو وڃي جنهن جي پڻ ايڪنڪ منظوري ڏئي۲۰۲۱ع جي بجيٽ ۾ پئسا رکيا ويا ۽ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ کان قرض پڻ ورتو ويو آهي.

هن وقت فيز ۲ جي رٿا ۾ چوبارا مکيا ڪئنال انهي جون شاخون واھه ۽ ڊسٽري جي کوٽائي جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي. سنڌ جي آبپاشي جي وزير ڄام خان شورو انهي تي ڪو اعتراض اٿاريو آهي، پر سوال اهو آهي ته جڏهن وفاق ۾ پاڻي جي وزارت پيپلز پارٽي وٽ آهي ۽ وفاقي حڪومت ۾ مسلم ليگ نواز جي مکيا اتحادي جماعت آهي ته پوءِ به ڇا رڳو ايئن اعتراض اٿارڻ ڪافي آهي؟ منهنجي خيال مطابق سنڌ جي ماڻهن کي صرف اهو رڪارڊ تي رکرائڻ جي لاءِ ته ڏسو اسان اعتراض رکيو  جي لاءِ انهي طرح جي بيان بازي ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي انهي رٿا کي اتي ئي روڪرائڻ جي لاءِ سنجيده آهي ته اها وفاقي حڪومت ۾ پنهنجي پاڻي جي وزارت جي وسيلي هن وقت انهي کي روڪرائي سگهي ٿي.، پر ڇاڪاڻ ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي لاءِ اقتدار وڌيڪ اهميت ٿو رکي سنڌ جي مفادن جي تحفظ کان، تنهن ڪري انهن ۱۹۷۱ع کان وٺي اقتدار  حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ئي طريقو پئي روا رکيو آهي جنهن سان سندن ڪرسي قائم رهي. اها ٻي ڳالھه آھي ته سندن ڪرسي تان ڌڪو جڏهن به کين مليو آهي ته انهن جي پنهنجي بدعنوانين ۽ خراب حڪمراني جي ڪري ئي مليو آهي. انهن ڪڏهن به اصولن خاطر اقتدار کي ٺوڪر ڪونھ هنئي آهي. هن وقت سنڌ جي پاڻي جي مٿان قبضي جي رٿا سان گڏوگڏ سنڌ جي زمين تي وفاق جي سڌي ريت مالڪي انهي جي استعمال يا ڪنهن به معاهدي ۾ ڪنهن ٻاهرين ملڪ سان ڪنهن منصوبي ۾ انهن کي سنڌ جي زمين ڏيڻ جا اختيار پڻ ڏنا ويا آهن. لڳي ايئن ٿو ته سنڌ جو عوام هٿرادو  ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏو منجھيو پيو آهي ٻئي پاسي کان اهڙيون رٿائون ٿي رهيون آهن جنهن سان سنڌ هميشه جي لاءِ سندن هٿن مان نڪري ويندي.