گجرانوالا: سلينڊر ڌماڪي ۾ فوتين جو انگ 10 ٿي ويو، ھڪ ئي خاندان جا 4 ماڻھو به شامل

0
306
گجرانوالا: سلينڊر ڌماڪي ۾

گجرانوالا (ڊيسڪ رپورٽ) گجرانوالا ۾ وئن ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ 10 ٿي ويو، جنھن ۾ ٽن ٻارن سوڌو ھڪ ئي خاندان جا 4 ماڻھو به شامل آھن، بدقسمت وئن راولپنڊي کان گجرانوالا وڃي رھي ھئي، منزل تي پھچڻ کان اڳ راھوالي جي ويجھو وئن کي مني ٽرڪ ٽڪر ھنيو، جنھن سبب وئن ۾ لڳل گئس سلينڊر ڦاٽي پيو ۽ ڏسندي ڏسندي باھ وئن کي لپيٽ ۾ آندو، پيش ايندڙ واقعي ۾ ھڪ ئي خاندان جا 4 ماڻھو بھ شامل آھن، حادثي کانپوءِ ٻنھي گاڏين جا ڊرائيور فرار ٿي ويا، جن جي گرفتاري يقيني ناھي بڻجي سگھي، ٻنھي ڊرائيورن جي ڳولا جاري آھي.