گجرانوالا (م ڊ) گجرانوالا جلسي لاءِ وڻ ڪٽڻ واري معاملي ۾ مريم نواز عدالت ۾ پيش نه ٿي، عدالت مريم نواز ۽ ٻين ڌرين کي 14 مارچ تي ٻيهر طلبي جو نوتيس جاري ڪري ڇڏيو، مريم نواز ۽ جلسي جي آرگنائيزر تي غلام حسين پارڪ ۾ جلسي لاءِ وڻ وڳڌڻ ۽ جهولا چوري ڪرڻ جو الزام آهي، ايڊيشل سيشن جج جي عدالت ۾ معاملي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پوليس پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي، عدالت ۾ مريم نواز ۽ نواز ليگ جلسي جي آرگنائيزر سميت ڪابه ڌر پيش نه ٿي، رٽ پٽيشنر جماعت اسلامي جو اڳواڻ فرقان بٽ پنهنجي وڪيل سميت پيش ٿيو، درخواستگذار جي وڪيل ڇيو ته جوابدار بااثر آهن، پوليس اسان کي گهرائڻ بنا رپورٽ ٺاهي جمع ڪرائي آهي، اسان کي رپورٽ جي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي، عدالت چيو ته پوليس رپورٽ جي ڪاپي لاءِ لکت ۾ درخواست جمع ڪرايو.