ممبئي (م ڊ)  ڀارتي عدالت گجرات جي وڳوڙن ۾ مسلمانن جي قتل ڪيس مان 69 ڄڻا بري ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته ڀارتي عدالت 2002ع ۾ ٿيل گجرات وڳوڙن دوران 11 مسلمانن جي قتل ۾ بي جي پي اڳواڻ ۽ ٻين کي بري ڪيو آهي. ڀارتي رياست گجرات جي شهر احمد آباد ۾ 11 مسلمانن جي قتل ڪيس جي متن موجب فيبروري 2002ع تي ٿيندڙ فرقيواراڻن وڳوڙن ۾ هندو انتهاپسندن مسلمان آبدي ۾ گھرن کي باهيون ڏنيون هيون جن ۾ 11 مسلمان مارجي ويا هئا. حملي جي جاچ مطابق گجرات پوليس مسلمانن جي ڪا مدد نه ڪئي۽ انهن کي شرپسندن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو هو.