ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ لاڙڪ شاخ وٽ مبينا طور ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ نوجوان عمشاد چنڙ جي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪيس بلڊر صابر شاهه، سندس پٽ زين العابدين شاهه ۽ علي شاهه خلاف داخل ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي جي وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، داخل ڪيل ڪيس ۾ فريادي ضمير شاهه ڄاڻايو آھي ته ڪجھه سال اڳ اسان بلڊر صابر شاهه جي والد کان هڪ ايڪڙ زمين خريد ڪئي هئي، جنهن تان هو اسان مٿان ڪاوڙيل هئو، جيڪو زمين واپس نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڌمڪيون پڻ ڏيندو هو، فريادي موجب فوتي نوجوان مٿان مختلف ڪوڙا ڪيس به داخل ڪرائيندو هئو، ڪالھه ھن نوجوان کي روڊ تي اڪيلو ڏسي سندس مٿان گاڏي چاڙھي قتل ڪيو،