اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گاڏين جي ڪارن شيشن جا جعلي اجازت ناما ۽ ان ڪم لاءِ ويب سائيٽس استعمال ڪرڻ  جو انڪشاف ٿيو آهي. گهرو وزارت غير قانوني اجازت ناما ٺاهيندڙ جعلسازن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ايف آءِ اي کي جعلسازن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. ان حوالي سان خط ۾ چيو ويو آهي ته جعلساز گهرو وزارت جو نالو استعمال ڪري جعلي اجازت ناما جاري ڪري رهيا آهن، جعلساز اجازت نامن عيوض عوام کان ڳرو معاوضو به وصول ڪري رهيا آهن. وڌيڪ چيو ويو آهي ته گهرو وزارت جا جعلي اجازت ناما استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. واضح رهي ته ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ايڊيشنل سيڪريٽري هوم ڊپارٽمينٽ پنجاب جي دانهن تي ڪيو ويو آهي.