گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ واسي سِڪندر منگي ۽ 4 ٻارن جي ماءُ امينا لاشاري گمبٽ جي عدالت ۾ شادي ڪئي آهي. خورشيد بيگم منگي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته پُٽ  سڪندر پاڙي جي رهواسڻ چئن ٻارن جي ماءُ امينا لاشاري سان شادي ڪرڻ کانپوءِ لاشاري برادري جي ماڻهن گهر تي قبضو ڪيو آهي. پٽ جو عمل غلط آهي ان سان ڪو واسطو ناهي، گهر تان قبضو ختم ڪرايو وڃي. هوڏانهن حاجن لاشاري پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته سڪندر منگي منهنجي زال امينا لاشاري کي اغوا ڪيو آھي، گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو، پوليس مدد نه ٿي ڪري. هوڏانهن امينا لاشاري وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته سڪندر منگي سان ڪورٽ ذريعي شادي ڪئي آھي، مائٽ مارڻ چاهن ٿا، تحفظ ڏنو وڃي.