گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ شهر ۾ منشيات وڪري خلاف نوجوانن پاران جاويد چنو، صدام چنو، اڪبر لاشاري، امداد شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳواڻن دانهيندي چيو ته شهر ۾ آئس، چرس، آفيم، ڀنگ ۽ ٻي منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي،  ڪيترائي نوجوان منشيات سبب فوت ٿي ويا آھن،هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي منشيات وڪرو بند ڪرايو وڃي.