گاجي کهاوڙ (ن پ ا) ڳوٺ صادق ماڇي ۾ زيادتي جو شڪار نينگري جي ڀاءُ محمد دين سولنگي جي قتل جي شفاف جاچ نه ٿيڻ خلاف وارث عورتن ۽ مردن بس اسٽاپ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.مهران خاتون، فاطمه خاتون ۽ مردن صلاح الدين سولنگي مزن سولنگي چيو ته هڪ هفتو اڳ اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، جنهن جو ڪيس گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي 5 ڄڻن خلاف داخل آهي ۽ جوابدارن جي ڌر طرفان قتل ڪيس جي جاچ رکي وئي هئي ۽ ڊي آءِ جي آفيس لاڙڪاڻو کان انسپيڪٽر توفيق سڌايو کي ڪيس جو جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو هيو جيڪو جوابدارن جي اوطاق تي وڃي جوابدارن جي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ جاچ آفيسر اسان مقتول ڌر کان پڇڻ بجاء قاتل ڌر کان پڇا ڪئي جيڪا سراسر ناجائزي آهي ۽ ظلم آهي اها جاچ ڪوڙي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار ڌر پئسي وارا آھن ۽ جاچ آفيسر انهن سان ٻٽ بڻيل آھي. ۽ اسان غريبن سان انصاف نٿو ڪيو وڃي. هنن آء جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته اسانجي قتل ڪيس جي نئين سر جاچ ڪرائي ڪو ايماندار آفيسر مقرر ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته اسان ڊي آء جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين. هوڏانهن جاچ آفيسر توفيق سڌايو صحافين کي بنا موقف ڏيڻ جي روانو ٿي ويو. ٻئي طرف ايس ايچ او گاجي کهاوڙ عبدالوحيد ناريجو جو چوڻ آھي ته قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار عبدالخالق سولنگي گرفتار ٿيل آھي جيڪو رمانڊ تي آھي ۽ 3 جوابدار ڪچي ضمانت تي آزاد آھن.