گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي منصور عرف سولي لاشاري تي منشيات وڪري جو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آھي. ايس ايچ او رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مظاهرين  جي مطالبي تي منصور عرف سولي لاشاري کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آھي، اڃا به منشيات فروش آھن جن کي جلد گرفتار ڪري انهن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ هن مٿان 95 گرام چرس جو ڪيس داخل ڪيو آھي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ گاجي کهاوڙ جي نوجوانن پاران منشيات جي وڪري خلاف ٻه ڏينهن لاڳيتو احتجاج ڪيو ويو هيو جيڪي خبرون پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيون ۽ ٽائيم نيوز تي نشر ٿيون هيون.