گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ خان محمد کهاوڙ ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺ ڀاڻ لاڙ جي رهواسڻ 19 ورهين جي ڳورهاري سيما خاتون زال منظور لاڙ علاج جون سهولتون نه ملڻ ڪري فوت ٿي وئي، ان حوالي سان  سندس جي مڙس منظور لاڙ ٻڌايو ته مان پنهنجي گهرواري کي ڊليوري لاءِ  گاجي کهاوڙ اسپتال کڻي ويس، جتي ڊاڪٽرياڻيون نه هيون ۽ علاج نه مليو، جنهن ڪري منهنجي گهرواري تڙپي تڙپي فوت ٿي آھي، هن چيو ته ٻوڏ ۾ اسان جا گهر تباهه ٿي ويا، کلي آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ڪير به واهر ڪرڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي مدد ڪئي وڃي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ساڳي ئي ڳوٺ ۾ ساڳي ئي ڳوٺ ڀاڻ لاڙ جي رهواسڻ ساران خاتون لاڙ به بک وگهي فوت ٿي هئي پر انهن جي ڪا به مالي مدد نه ٿي سگهي آھي.