گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ لڳ ڳوٺ مڱيو مسڻ ۾ بلوچستان مان آيل لاڏائو بروهي قبيلي جي 10 جهوپڙين کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب غوث بخش بروهي، حسين بخش، محمد علي، اڪبر، خدابخش، عرفان، امداد علي ۽ نادر علي بروهي جا اجها سڙي رک ٿي ويا، باهه لڳڻ دروان صدمي ۾ 2 عورتون بيهوش ٿي ويون جن کي بعد ۾ هوش ۾ آندو ويو،متاثرن ٻڌايو ته هر سال ڪڻڪ جو لاب ڪري روزي ڪندا آھيون، جڏھن ته اسان جا گڏ ڪيل مجموعي طور 6 لک رپيا ڪيش، ڪڻڪ، اٽو، چانور، کٽون بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي ويو آهي.