گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ جا ٻوڏ متاثر روڊ رستن تي بي يارومددگار ٿي مرڻ لڳا آھن، ڳوٺ صادق ماڇي جو رهواسي مولا داد سولنگي ميھڙ باءِ پاس تي واهر نه ٿيڻ تي روڊ تي ترسيل کليل آسمان هيٺ فوت ٿي ويو آھي، سندس جا ٻار مڙھ مٿان اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندا رهيا. ان موقعي تي سندس جي وارثن ٻڌايو ته اسان ميھڙ باءِ پاس تي ڪافي ڏينهن کان ترسيل آھيون پر اسان کي نه خيما مليا ۽ نه ئي راشن مليو ۽ اسانجا ٻچا ڪافي ڏينهن کان بکن تي آهن، علاج جون سهولتون به ميھڙ ۾ ناهن اسان مولا داد کي ميھڙ اسپتال کڻي وياسين ۽ علاج نه مليو جنهن ڪري مولا داد سولنگي تڙپي تڙپي فوت ٿيو آھي، ٻئي طرف ٻوڏ متاثر فوتي جي وارثن وٽ ڪفن ۽ دفن جا پئسه نه هجڻ ڪري ميھڙ ويلفيئر ٽرسٽ طرفان فوت ٿي ويل ٻوڏ متاثر مولاداد سولنگي جي وارثن کي روڪ رقم 7 ھزار روپيا ۽ ڪفن دفن لاء مڪمل سامان ڏنو ويو  آھي.