گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ ٽائون انتظاميه، پبلڪ هيلٿ، واپڊا اسڪارپ ۽ آبپاشي کاتي طرفان پاڻي نيڪال لاء ڪي به اپاءُ ناهن ڪيا ويا،مظهر شاهه، ابراهيم ڪنڀر، شبير چنو، محمد ايوب کهاوڙ ۽ ٻين ٻڌايو ته گاجي کهاوڙ ۾ 17 ڏينهن کان بيٺل پاڻي عملدار نيڪال نٿا ڪرائن، پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ چندو گڏ ٿا ڪيون، پبلڪ هيلٿ وارا ٽائون وارا ۽ ٻيا کاتي وارا گم لڳا پيا آھن ۽ ڪو به آفيسر فون کڻڻ لاءِ تيار ڪونهي، بيمارين به منهن ڪڍيو آهي، اسان سميت اسان جا ننڍا ٻار سخت بيمار ٿي پيا آھن – هنن سنڌ سرڪار ۽ ڊي سي قمبر کان مطالبو ڪيو ته خدارا هن معاملي جو نوٽيس وٺي گاجي کهاوڙ شهر مان پاڻي نيڪال ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي. ٽائون آفيسر رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پاڻي ٽريڪٽرن جي پکن، ٽيوب ويل مشينن ۽ جنريٽرن وسيلي پاڻي نيڪال ڪرائينداسين.