گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ لڳ ڳوٺ خان محمد کهاوڙ ۾ گذريل رات دير سان پورهيت اعجاز سومرو جي گهر مان نامعلوم چور 2 ڀلوڙ مينهون ڪاهي فرار ٿي ويا، صبح جو ڀاڳين طرفان پيرو کنيو ويو جيڪو کهاوڙ شاخ ڀرسان گم ٿي ويو، ان ڏس ۾ پيرِي جو چوڻ هو ته چور ٻئي مينهون لوڊر گاڏي ذريعي کڻائي ويا آھن.